- Advertisement -
لکي غلام شاهه ويجهو ڏهه ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جو کوهه مان لاش هٿ آيو آهي.
ڏهه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي نوجوان منصور بروهي کي اغوا ڪري ويا هئا.
مغوي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.
ڳوٺ امين ويجهو نوجوان منصور بروهي جو لاش کوهه مان مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش پراڻو نظر اچي رهيو آهي لڳي ٿو ته سندس جسم سان وزني شئي ٻڌي کوهه ۾ اڇلايو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي- Advertisement -
