- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي جنرل ۽ مخصوص سيٽن جي عبوري لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي عبوري لسٽ موجب صوبن ۽ اسلام آباد مان قومي اسيمبليءَ لاءِ مجموعي طور 7 هزار 713 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
پڌرائي موجب قومي اسيمبلي لاءِ 7 هزار 242 مرد اميدوارن ۽ 471 عورت اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
اليڪشن ڪميشن موجب چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ 18 هزار 456 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن.
چئني صوبن ۾ عورتن اميدوارن جو انگ 802 ۽ 17 هزار 744 مرد اميدوار آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۾ قومي اسيمبلي لاءِ 15 سئو 71 مرد ۽ 110 عورت اميدوارن جا فارم جمع ٿيا.
اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته پنجاب ۾ قومي اسيمبلي لاءِ 35 سئو 94 مرد ۽ 277 عورت اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
پڌرائي موجب ڪي پي ۾ قومي اسيمبلي لاءِ 12 سئو 83 مرد ۽ 39 عورت اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا.
بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي لاءِ 612 مردن ۽ 19 عورتن جا فارم جمع ٿيا، اسلام آباد مان قومي اسيمبلي لاءِ 182 مرد ۽ 26 عورت اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
اليڪشن ڪميشن موجب چئني صوبن مان قومي اسيمبلي لاءِ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 459 اميدوارن جا فارم جمع ٿيا، جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 13 سئو 65 اميدوارن جا فارم جمع ٿيا آهن.
پڌرائي موجب چئني صوبن اسيمبلين ۾ اقليتن جي سيٽن تي 361 مرد ۽ 32 عورت اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا.
قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي سيٽن جي سيٽن تي 140 مرد ۽ 10 عورت اميدوارن فارم جمع ڪرايا.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي سيٽن تي 140 مرد ۽ 10 عورت اميدوارن فارم جمع ڪرايا، پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 601 نامزدگي فارم جمع ٿيا.
قومي اسيمبلي جي پنجاب ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 195 فارم جمع ٿيا، سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 309 نامزدگي فارم جمع ٿيا، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن تي 118 نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا.
پڌرائي موجب ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 321 فارم وصول ڪيا ويا، ڪي پي ۾ قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن تي 97 فارم جمع ٿيا.
اليڪشن ڪميشن موجب بلوچستان اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي 134 فارم جمع ٿيا، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن تي 49 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.
پڌرائي موجب قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي 140 مرد ۽ 10 عورت اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
ملڪ جي قومي اسيمبلي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورت اميدوارن جي شرح 6 ڏهائ 10 سيڪڙو آهي، جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين ۾ عورت اميدوارن جي نمائندگي 4 ڏهائي 32 سيڪڙو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ 28 هزار 626 جنرل ۽ مخصوص سيٽن تي اميدوارن مجموعي طور 65 ڪروڙ 57 لک 40 هزار رپيا في جمع ڪرائي.
پڌرائي موجب قومي اسيمبلي جنرل ۽ مخصوص سيٽن تي 8 هزار 322 اميدوارن کان 24 ڪروڙ 96 لک 60 رپيا في وصول ڪئي وئي.
اليڪشن ڪميشن موجب چئني صوبائي اسيمبلين ۾ جنرل ۽ مخصوص سيٽن جي 20 هزار 304 اميدوارن 40 ڪروڙ 60 لک 80 هزار رپيا في جمع ڪرائي.
ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 7 هزار 713 اميدوارن 23 ڪروڙ 13 لک 90 هزار رپيا في جمع ڪرائي.
اليڪشن ڪميشن موجب چئني صوبائي اسيمبلي جي 18 هزار 546 اميدوارن 37 ڪروڙ 9 لک 20 هزار رپيا في جمع ڪرائي.
قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي 459 عورت اميدوارن هڪ ڪروڙ 37 لک 70 هزار رپيا في جمع ڪرائي.
چئني صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن تي 13 سئو 65 عورتن کان 2 ڪروڙ 73 لک رپيا في وصول ڪئي وئي.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي سيٽن تي 150 اميدوارن 45 لک رپيا في جمع ڪرائي.
صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن جي سيٽن تي 393 اميدوارن 78 لک 60 هزار رپيا في جمع ڪرائي.
اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ 30 هزار ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ 20 هزار رپيا في مقرر ڪئي آهي…
- Advertisement -
