- Advertisement -
ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ چيو آهي ته اسلام سميت سمورا مذهبَ انسانيت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿا، پاڪستان ۾ هر مذهب جي ماڻهن کي پنهنجي عقيدي، ريتن رسمن ۽ ثقافت تحت زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي.
مسيحي برادريءَ جي مذهبي ڏهاڙي ڪرسمس تي ملير ٽائون جي مختلف يوسين جعفرِ طيار، يوسي ڀٽائي آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، جن ۾ ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ، وائس چيئرمين سيد رضا حسين، ڊائريڪٽر سينٽيشن نصير ايوب، ڊپٽي ڊائريڪٽر سلمان قادر ۽ ٻين شرڪت ئي.
تقريبن کي خطاب ڪندي ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجي عقيدي ۽ رسمن موجب گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي.
هن چيو ته ڪرسمس کان اڳ مسيحي آبادين ۾ سيوريج جا مسئلا حل ڪري، پيور بلاڪ، اسٽريٽ لائٽن جي مرمت ۽ ڪميونٽي سينٽرن ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايا ويا.
اقليتي ونگ جي فوڪل پرسن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام انسانيت سان محبت جو درس ڏنو، فسلطين، والاريل ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم ٿي رهيا آهن پر پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن……- Advertisement -
