اسلام سميت سمورا مذهبَ انسانيت،  امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿا: جان محمد بلوچ

- Advertisement -
ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ چيو آهي ته اسلام سميت سمورا مذهبَ انسانيت،  امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿا، پاڪستان ۾ هر مذهب جي ماڻهن کي پنهنجي عقيدي، ريتن رسمن ۽ ثقافت تحت زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي. مسيحي برادريءَ جي مذهبي ڏهاڙي  ڪرسمس تي ملير ٽائون جي مختلف يوسين جعفرِ طيار، يوسي ڀٽائي آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، جن ۾ ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ، وائس چيئرمين سيد رضا حسين، ڊائريڪٽر سينٽيشن نصير ايوب، ڊپٽي ڊائريڪٽر سلمان قادر ۽ ٻين شرڪت ئي. تقريبن کي خطاب ڪندي ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجي عقيدي ۽ رسمن موجب گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي. هن چيو ته ڪرسمس کان اڳ مسيحي آبادين ۾ سيوريج جا مسئلا حل ڪري، پيور بلاڪ، اسٽريٽ لائٽن جي مرمت ۽ ڪميونٽي سينٽرن ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايا ويا. اقليتي ونگ جي فوڪل پرسن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام انسانيت سان محبت جو درس ڏنو،  فسلطين، والاريل ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم ٿي رهيا آهن پر پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون