- Advertisement -
معدنيات واري نگران صوبائي وزير خدا بخش مري چيو آهي ته ننگرپارڪر بارڊر جي هـُـن پار به معدنيات آهي، اهو ملڪ ڪڍي رهيو آهي پر هو پنهنجي معدنيات نه پيا ڪڍي سگهن.
ننگرپارڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي خدا بخش مري چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ضلعو ٿرپارڪر آهي ۽ آپگهات جو انگ ۾ اتي ئي سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جاپان گاڏيون ۽ چين موبائل اهڙي ئي معدنيات ذريعي ٺاهيا، جيڪي سنڌ ۾ موجود آهن، پر سنڌ ايڏي معدنيات باوجود غريب آهي.
خدا بخش مري چيو ته جبل ۽ معدنيات نعمتون آهن، ملڪي ترقي ۾ هندو ڀائرن جو وڏو ڪردار آهي، پر معدنيات ڪڍڻ کان روڪڻ لاءِ مذهب ڪارڊ کيڏيو پيو وڃي.
نگران صوبائي وزير چيو ته ڀارت معدنيات ڪڍندي جيترا به مندر وچ ۾ آيا اهي ڊاهي متبادل هنڌ تعمير ڪرايا پر هو معدنيات ڪڍندي ڪا به مسجد يا مندر نه ٽوڙيندا.- Advertisement -
