- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، هڪ آمر چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت تي راتاهو هنيو، شهيد ڀٽو جي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي ملڪ وڏي قيمت ادا ڪئي، ايترا ظلم برداشت ڪرڻ باوجود ڪجهه ماڻهو اڃا تائين آمريت جا حامي آهن، آمريت جا حامي ماڻهو جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن، ملڪ ۾ جمهوريت پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن جي قربانين جي ڪري آهي.
5 جولاءِ سانحي بابت پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن چيو ته هن ڪاري ڏينهن قوم کي انتهاپسندي، دهشتگردي، ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي مسئلن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، هن ڪاري ڏينهن ملڪ کي اهڙن مسئلن جي منهن ۾ آڻي ڇڏيو، جن سان هو اڄ به منهن ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته بيشمار مصيبتون برداشت ڪرڻ باوجود سندن وچ ۾ اڃا به ڪجه ماڻهو آمريت جي حمايت ڪن ٿا، اهي ماڻهو جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنرل ضياءَ جمهوريت پسندن، لبرلز ۽ محب وطن ماڻهن خلاف بربريت کي بي لغام ڪري رکيو هو، جمهوريت پسندن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ڪوڙا هنيا ويا ۽ جلاوطن ڪرڻ کانسواءِ ڦاهي تي چاڙهيو ويو، اڄ جا نوجوان ضياءَ جي دور ۾ جيالن کي جن حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، ان جو تصور به نٿا ڪري سگهن.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪريل انتقامي ڪاررواين ۽ آمراڻي حڪومت جي دهشتگردي باوجود پاڪستاني عوام ۽ جيالن جو عزم ۽ جذبو غير متزلزل رهيو، جيالن ثابت قدم رهيا ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ اٽل ارادن ۽ حوصلي سان وڙهندا رهيا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي قربانين سبب قائم آهي، اڄ قوم جمهوريت خاطر بيمثال تڪليفون برداشت ڪندڙن جي قربانين کي ياد ڪري ٿي- Advertisement -
