- Advertisement -
پاڪستان لاءِ اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ پروگرام تحت قرض جي حوالي سان آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿي رهيو آهي.
اڄوڪي اجلاس ۾ عالمي مالياتي اداري جو ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ موجوده قرض پروگرام 70 ڪروڙ ڊالر جي ايندڙ قسط جي ادائيگي جي قطعي منظوري تي غور ڪندو.
گذريل سال جون ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاشي استحڪام جي پروگرام جي حمايت لاءِ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ جو معاهدو ٿيو هو.
معاهدي تحت پاڪستان کي فوري طور تي هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر مليا هئا.
آءِ ايم ايف پاران 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ تحت اقتصادي جائزي جي منظوري جو امڪان پڻ آهي.- Advertisement -
