- Advertisement -
ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 8 فيبروري تي عوام ماضيءَ ۾ ڏسي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ووٽ ڏيندو، سندس نظر ۾ هيءَ اليڪشن ملڪ جي تقدير جو فيصلو ڪنديون.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهبازشريف چيو ته 8 فيبروري تي عوام پنهنجي ووٽن سان فيصلو ڪندو، ن ليگ پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته 2017ع ۾ نوازشريف دور ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، سندس نظر ۾ هيءَ اليڪشن ملڪ جي تقدير جو فيصلو ڪنديون.
شهبازشريف چيو ته 2018ع کانپوءِ جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو سڀني آڏو آهي، نوازشريف جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ معاشي بحران نه هجي ها.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نفرتون ختم ۽ قوم کي متحد ڪري پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو.
شهبازشريف چيو ته هنن سورهن مهينن ۾ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، الله نوازشريف کي موقعو ڏنو ته ترقي ۽ خوشحالي جو سفر ٻيهر شروع ٿيندو…………- Advertisement -
