وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 9 مئي تي قوم کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي، پر پاڪستاني قوم اتحاد ۽ ٻڌيءَ سان ان سازش کي ناڪام بڻايو.
ڪراچيءَ ۾ پيغامِ امن پروگرام کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ملڪ دشمن سدائين وطن خلاف سازشون ڪندا رهندا آهن، سازش کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سازشين کي هڪ شخص ملي ويو.
هن چيو ته ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار عل يڀٽو کي 4 اپريل تي شهيد ڪيو ويو، وڏي عرصي کانپوءِ عدالت معافي گهري.
وڏي وزير چيو ته شهيد راڻي جي شهادت وقت ڪجهه ماڻهن جذبات ۾ اچي پاڪستان نه کپي جو نعرو هنيو پر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي امڙ جا لفظ ورجايا ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته 9 مئي واقعن پويان وڏي سازش هئي، جنهن جي هو مذمت ڪري ٿو، جيستائين هو زنده آهن ملڪ کي ڪو به نقصان نه پهچندو.
وڏي وزير چيو ته گرفتاريون ٿينديون رهنديون آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي، آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو، هنن احتجاج ڪيو پر ڪڏهن به ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڳالهه ڪڏهن به ڪئي.