ملير: خانگي ڪمپني پاران جبري نيڪالي ڏيڻ خلاف پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ملير جي پورٽ قاسم واري علائقي ۾ قائم خانگي ڪمپني جي انتظاميه مقامي پورهيتن کي جبري طور نيڪالي ڏئي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ملازمن مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي .

جبري طور برطرف ڪيل پورهيتن ملير پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري خانگي ڪمپني “ايڇ آر ايڇ جي” جي انتظاميه نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ آغا عملدار مهندي، جواد سومري، شعيب ڏيري، ذيشان خاصخيلي چيو ته مقامي ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب جبري نيڪالي ڏيئي ڪڍيو ويو آهي.

هنن چيو ته غير مقامي ماڻهن کي رات جي پيٽ ۾ ڀرتي ڪري پڪو ڪيو پيو وڃي . احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ هوته فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28 ° C
28 °
28 °
25%
4.1m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون