ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ چاندي جو ميڊل حاصل ڪندڙ اولپمپيئن ايٿليٽ ارشد نديم وطن واپس پهچي ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾ ٿيل عالمي ايٿليٽڪ چيمپئن شپ جي جـَيولن ٿرو مقابلي ۾ چانديءَ جو ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم وطن واپس پهچي ويو آهي.

لاهور ايئرپورٽ تي پنجاب حڪومت راندين بابت صلاحڪار وهاب رياض، ٻين نمائندن ۽ مداحن ارشد نديم جو شاندار استقبال ڪيو.

لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته ٽورنامينٽ لاءِ تمام گھڻي محنت ڪئي هئي، قوم جي دعائن سان ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

سندس چوڻ هو ته سپورٽ ڪرڻ تي قوم ۽ پنجاب اسپورٽس بورڊ جو ٿورائتو آهي، ايشن گيمز لاءِ ڀرپور تيار ڪندو ۽ پيرس اولمپڪس 2024 ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ايٿليٽڪ لاءِ عالمي سطح جو سهولتون ميسر ناهن، حڪومت گرائونڊ ۽ ڪوچ سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري ته وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.

واضع رهي ته عالمي ايونٽ ۾تاريخ رقم ڪندي ارشد نديم پاڪستان لاءِ پهريون ميڊل کٽڻ وارو رانديگر بڻجي ويو آهي.

ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپين شپ ۾ ميڊل کٽڻ  تي حڪومت طرفان  ارشد نديم لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.3m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
32 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون