پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ستلج درياهه جي حفاظتي بند ۾ گهارو پوڻ جي رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ۽ مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن مان عوام کي محفوظ هنڌن تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.
ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت جنگي بنيادن تي مضبوط قدمن کي يقيني بڻائي.
سندس چوڻ هو ته بهاولپور ۽ احمد پور شرقيه جهڙي آبادين کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته جيالا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ انتظاميا جا ٻانهن ٻيلي ٿين، پ پ ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.
هن چيو ته حڪومت ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪري، حڪومت ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي ڪرائي.
پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ايندڙ عام چونڊون کٽڻ بعد ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثرن جو به اهڙي طرح ساٿ ڏيندي جهڙي طرح سنڌ ۾ برسات متاثرن جو ڏنو آهي، پ پ ستلج درياهه جي متاثرن کي گهر ٺاهي ۽ زراعت جي بحالي لاءِ خاص قدم کڻندي.
