ميونسپل ڪميٽي ۾ ڪوٺايل سالگرا تقريب ۾ ميونسپل چيئرمين عبدالخالق ڀٽو، وائيس چيئرمين محمد انور ٻرڙو، پ پ سٽي نئين ديري جي صدر سيد ارشد راشدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 35 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽي هڪٻئي کي کارائي مبارڪون ڏئي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
ڪيڪ ڪٽڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب وزير اعظم بڻجڻ ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري هن ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهي، اميد آهي ته ھو ملڪ جو ڪامياب وزير اعظم بڻجي ملڪ کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائيندو.
