افغانستان چترال حملي ۾ ملوث ٽي ٽي پي جي 200 کان وڌيڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف پاڪستاني حڪومت جون ڪوششون ۽ افغان طالبان تي مسلسل دٻاءُ جي حڪمت عملي جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ امارت اسلاميا افغانستان چترال حملي ۾ ملوث 200 کان وڌيڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب افغان طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخونزاده افغان عاوم کي ڪالعدم ٽي ٽي پي کي فنڊ نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.
آمريڪا ميڊيا موجب 21 سيپٽمبر تي افغان طالبان افغانستان لاءِ پاڪستان جي خاص نمائندي آصف درانيءَ ڪابل ۾ ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي خلاف ڪريڪ ڊائون بابت تفصيل شيئر ڪيا ويا
