- Advertisement -
پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 5 ڊالر في بيرل گهٽتائي ٿي آهي جنهن بعد پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.
ايندڙ مهيني پيٽرول جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ به 10 کان 16 رپيا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ به پهرين نومبر کان گهٽتائي ٿيندي ۽ ان حوالي سان اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي قطعي سمري 31 آڪٽوبر تي پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ويندي.
سمري ۾ پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت ڦير ڦار ڪري وزيراعظم کي اماڻي ٿيندي جنهن بعد نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ قطعي قيمتن جو فيصلو ڪندو.
16 آڪٽوبر تي پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا في لٽر گهٽتائي ٿي هئي جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ به 15 رپيا في لٽر گهٽتائي ٿي هئي- Advertisement -
