- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري دوران پوٽَي ۽ پوٽِي جي شهادت تي پار ڪڍي روئڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ڏسندڙ هر شخص جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا.
يهودي فوج جي بمباري ۾ شهيد پوٽَي ۽ پوٽِي جي تدفين دوران پيرسن ڏاڏو پار ڪڍي زارون قطارون روئيندي مخاطب ٿيندي چيو ته اي منهنجا ٻچڙا توهان جـِي رسول الله صلي الله عليه واله وسلم سان جڏهن ملاقات ٿئي ته ان کي اهو ضرور ٻڌائجو ته غزا جي فلسطيني مسلمانن کي جڏهن ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو پئي ويو ته اوهان جي امت خاموش تماشائي بڻجي ڏسندي رهي.
پيرسن جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن جي هيانءُ ڏاريندڙ جملن سان پٿر دل ماڻهن جون به اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون.
ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزا ۾ اسرائيلي وحشياڻي بمباري ۾ هن وقت تائين 11 هزار 78 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته شهيد ٻارن جو انگ 4 هزار 506 ٿي چڪو آهي.- Advertisement -
