سي ٽي ڊي حيدرآباد مٽياري ڀرسان پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى

- Advertisement -
سي ٽي ڊي حيدرآباد مٽياري ڀرسان پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته مٽياري جي علائقي جيئندل ڪوٽ وٽ مقابلي دوران هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد عبدالله صغير جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم القاعده سان آهي سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف، دستي بم ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، پڪڙيل دهشتگرد جا ٻه ساٿي علي پٽ  عبدالرشيد ۽ شهريار پٽ مرزا فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب گرفتار دهشتگرد القاعده جي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سعودي عرب، ملائيشيا، افغانستان جا دورا ڪري چڪو آهي کائنس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته فرار دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون پڻ جاري آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
16%
4.2m/s
0%
خميس
27 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون