اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب غزا دنيا جي وڏي قبرستان ۾ تبديل

- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزا  ۾ 38 هين ڏينهن به  وحشياڻي بمباري  جاري رکي جنهن سبب شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار 240 ٿي ويو. اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب غزا دنيا جي وڏي قبرستان ۾ تبديل چڪو آهي، هر پاسي لاش ئي لاش نظر اچي رهيا آهن. يهودي فوج خان يونس ۾ گهر ٻاهران ويٺل ماڻهن تي بمباري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪٽنب جا 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهنته ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. القدس اسپتال وٽ شيلنگ، ڌماڪا ۽ ، فائرنگ جا واقعا پيش آيا. غزا جون سموريون اسپتالون بند ٿي ويون جنهن سبب 6 تازا ڄاول ٻارڙا ۽ 9 مريض شهيد ٿي ويا، الشفا اسپتال ۾ ٽن ڏينهن دوران 32 مريضن سورن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. دوائون، پاڻي، خوراڪ مڪمل طور بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي مريض تڙپي تڙپي مرڻ لڳا جنهن ڪري ڊاڪٽر بي يارو مددگار بڻيل آهن. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ 21 ماڻهو مارجي ويا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب شهيد ٿيلن جو انگ 11 هزار 240 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 هزار 630 ٻار ۽ 3 هزار 130 عورتون شامل آهن. صحت واري وزارت موجب غزا ۾ طبي عملي جا189 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، 41 هزار 120 رهائيشي ملڪيتون تباهه ٿي ويون. فلسطيني صحت واري وزارت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته يهودي فوج جي بمباري ۾ 94 سرڪاري عمارتون تباهه ٿيون ۽ 41 مسجدون به شهيد ٿي ويون آهن. صحت واري وزارت  جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 253 اسڪولن جون عمارتون به تباهه ٿي ويون،  جڏهن ته 25 سيڪڙو زرعي ايراضي به تباهه ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
18%
2.9m/s
2%
اربع
26 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون