تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، ان کان علاوه نار ملن سان فري ٽريڊ ايگريمينٽ جي پنجين دور بابت معاملن جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس دوران پاڪستان بزنس ويزا آن لائين لسٽ ۾ وڌيڪ ملڪن کي شامل ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي، ان سان گڏ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي 2023 کان 2024 جي لاءِ بجيٽ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته معمولي تبديلي سان حج پاليسي 2024 هڪ ڀيرو ٻيهر ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، بينڪن کي مالي سال 2021 کان 2022 ۾ ناڻي جي مٽا سٽا جي غيرمعمولي منافعي تي ٽيڪس جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ ۽ شامل ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويندو جڏهن ته بجلي ڪمپنين جي آفيسرن لاءِ مفت بجلي سهولت ختم ڪرڻ لاءِ بجلي سهولت ختم ڪرڻ جي معاملي تي توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي فيصلي جي منظوري ڏني ويندي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15 %
1kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون