رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا ٽولي طرفان طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي قبول ناهي: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا ٽولي طرفان طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي قبول ناهي. جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان عالمن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عالمن دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽  غير قانوني پرڏيهين جي واپسي بابت فيصلي جي حمايت ڪئي. عالمن جي وفد انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي مذمت ڪئي ۽ ملڪ ۾امن استحڪام آڻڻ لاءِ رياستي ۽ سڪيورٽي فورسز جي ڪوششن لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير عالمن کي پروپئگنڊا جي ازالي ۽ اندروني اختلاف ختم ڪرڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف انتهاپسندن ۽ دهشتگردن ذريعي پکيڙيل گمراهه ڪندڙ پروپگنڊا جي خاتمي لاءِ مذهبي عالمن جي فتويٰ، پيغام پاڪستان جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته بنا ڪنهن مذهبي، صوبائي، قبائلي، لساني ۽ فرقيوار فرق جي پاڪستان سڀني پاڪستانين جو آهي، ڪنهن خلاف انتها پسند يا عدم برداشت رويي جي گنجائش ناهي. ملاقات دوران مذهبي عالمن غزه ۾ فلسطينن تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ظلمن کي انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنو ويو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
13%
3.3m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون