شهباز شريف ۽ احد چيما سميت 10 جوابدار آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس مان بري

- Advertisement -
لاھور جي عدالت آشيانھ ھائوسنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سميت ڏھن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ آشيانھ ھائوسنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ۽ نيب پنھنجون رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون. نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس تي لاڳو نه ٿي رهيو آهي جنھن تي عدالت چيو تھ بريت جي درخواستن تي ٻن ڪلاڪن تائين فيصلو ڏنو ويندو. عدالت اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، احد چيما ۽ فواد حسن فواد سميت ڏھن جوابدارن جي بريت بابت درخواستون منظور ڪندي کين بري ڪري ڇڏيو. آشيانھ ھائوسنگ ريفرنس مان جوابدار نديم ضياءَ ۽ ڪامران ڪياني کي ڪيس مان پھريان ئي ڊسچارج ڪيو ويو ھو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
25%
4.6m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون