ڪاش سٺي ڪرڪيٽر سان گڏ سٺو مڙس ۽ پيءُ به هجي ها: محمد شامي جي گهرواري حسين جهان

- Advertisement -
ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي جي گهرواريءَ حسين جهان چيو آهي ته ڪاش سٺي ڪرڪيٽر سان گڏ سٺو مڙس ۽ پيءُ به هجي ها. واضح رهي ته محمد شامي هن وقت تائين ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 23 وڪيٽون وٺي چڪو آهي ۽ پنهنجي بهترين بالنگ ذريعي ايوينٽ ۾ ٽيم انڊيا کي ڪيتريون ئي ميچون کٽرائي چڪو آهي، محمد شامي نيوزلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ 57 رنسون ڏئي 7 وڪيٽون وٺي مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو. ڀارتي ميڊيا شامي جي گهرواري حسين جهان جو انٽرويو ڪيو ۽ سندس ڪارڪردگيءَ تي راءِ ورتي. حسين جهان چيو ته خوشي آهي ته ڀارت جي ٽيم فائنل ۾ پهتي آهي، اميد آهي ۽ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هيءُ ورلڊ ڪپ سندن ملڪ جي نالي رهي. پنهنجي مڙس بابت سوال تي هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ڳالهيون ايندين آهن ته شامي جيترو سٺو ڪرڪيٽر آهي ڪاش هو اوترو سٺو مڙس ۽ پيءُ هجي ها ته هو سٺي زندگي گهارين ها. جهان حسين جو چوڻ هو ته شامي جي علطين، لالچ ۽ گند سان ڀريل دماغ جي ڪري کين اهي ڏينهن ڏسڻا ڏئجي رهيا آهن. واضح رهي ته 2014 ۾ محمد شامي ماڊل حسين جهان سان شادي ڪئي هئي، 2019ع کان ٻنهي وچ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ حسين جهان محمد شامي تي تشدد ڪرڻ جا الزام هنيا هئا ۽ سندس ڀاءُ کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته محمد شامي الزامن جي ترديد ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
25%
4.6m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون