سڪيورٽي فورسز جا ڪي پي ۾ ڌار ڌار آپريشن، ٽي دهشتگرد مارجي ويا،پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد

- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دھشتگرد مارجي ويا، جڏھن تھ بم ڦاٽڻ سبب ھڪ جوان شھيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجھي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دھشتگرد مارجي ويا. ٻئي پاسي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ ھڪ دھشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگرد معصوم شھرين جي قتل ۾ ملوث ھئا،  وٽانئن ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اتر وزيرستان ضلعي جي غور يوم واري علائقي ۾ ديسي بم ڦاٽڻ سبب ھڪ جوان شھيد ٿي ويو، 26 ورھين جي سپاھي شاھزيب جو تعلق راولپنڊي سان ھو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
50%
2.9m/s
0%
اربع
19 °
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون