ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪيترائي اڳوڻا اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
متحده قومي موومينٽ پاڪستان جا ڪيترائي اڳوڻا اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي شهر ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڌمڪين باوجود ماڻهو ايم ڪيو ايم ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ شخصيتون اڄ پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن، هو ڪراچي کي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه بڻائي ڏيکاريندا. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي ڌمڪين باوجود وڌيڪ ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ڪراچي ۾ مقبول رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي دوستن کي گذارش آهي ته مثبت سياست ڪن. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهو مناسب نه آهي، سمورن شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي سياست جو فيصلو ڪرڻ جي آزادي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ماڻهو پارٽي ڇڏي مختلف جماعتن ۾ شامل ٿي رهيا آهن. سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي ۽ مضبوط جماعت آهي، جنهن مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته  ماڻهن جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ متحده پاڪستان جا دوست پريشان آهن. سعيد غني چيو ته خواجا منصور، سيف يار خان، وسيم قريشي، مزمل قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن، دقسمتي سان ايم ڪيو ايم هاڻي پي ايس پي جي قبضي ۾ آهي. پ پ اڳواڻ  چيو ته ايم ڪيو ايم کي گذارش آهي ته هو پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکي، بدمعاشي ۽ ڌمڪين واري ٻولي ڪنهن به صورت  برداشت نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
42%
3.2m/s
0%
اڱارو
20 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون