عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن: ڪامران ٽسوري

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، پوليس پئٽرولنگ ۾ اضافي ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ سان اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. گورنر ڪامران ٽسوريءَ سان نگران صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي ۾ امن امان، ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي جي حڪمت عملي، سي سي ٽي وي ڪئمرائون نصب ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. نگران گهرو وزير، گورنر کي امن امان برقرار رکڻ بابت کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪامران ٽسوريءَ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ضروري آهي. هن چيو ته پوليس پئٽرولنگ ۾ اضافي ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ سان اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڪامران ٽسوري چيو ته وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائيم وارن علائقن ۾ پوليس جو گشت وڌايو وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون