تازه ترين

هر پارٽي پنهنجو منشور کڻي چونڊ مهم هلائي ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي: فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هر پارٽي پنهنجو منشور کڻي چونڊ مهم هلائي ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، فيبروري ۾ پ پ عام چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پ پ طرفان وزيراعظم جو اميدوار هوندو. هن چيو ته چونڊن کانپوءِ اتحادين سان گڏجي نمبر گيم پوري ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آصفه ڀٽو به چونڊ مهم ۾ حصو وٺندي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ کي شفاف چونڊن جي ضرورت آهي، اميد ته اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت صاف شفاف چونڊون ڪرائيندي. پ پ اڳواڻ چيو ته ڪجهه تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمنيٽ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ن ليگ سدائين ادارن کي سياست ۾ گِـهِليو، نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيو وارو موقف ايون فيلڊ ڇڏي آيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون