پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزوريون استعمال ڪري منجهن ڌار وجهڻ چاهن ٿا; آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزوريون استعمال ڪري منجهن ڌار وجهڻ چاهن ٿا، کين پرعزم ۽ مضبوط قوم طور اڀرڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. آءِ ايس پي آر طر فان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عامر منير ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ پهتو. آرمي چيف پاڪستان ۾ وسندڙ مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون. جنرل عاصم منير، مذهبي برادريءَ جي احترام جو اظهار ڪيو ۽ متحد پاڪستان لاءِ قائد اعظم جي حقيقي ويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ بين المذاهب ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته اسلام کين امن ۽ دوستيءَ جو سبق سيکاري ٿو، بين المذاهب ڀائيچارو وقت جي اهم ضرورت آهي. آرمي چيف آڏو چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگنڊا بدران قومي مسئلن بابت درست موقف، سچائي ۽ علم تي ٻڌل راءِ رکڻ تي زور ڀريو. جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزوريون استعمال ڪري منجهن ڏار وجهڻ چاهن ٿا، کين پرعزم ۽ مضبوط قوم طور اڀرڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. آرمي چيف، ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 147هين جنم ڏهاڙي تي سندس ويزن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي. جنرل عاصم منير، قائداعظم جا تاريخي جملا ورجا ته اوهان آزاد آهيو، اوهان مندرن، مسجدن يا ڪنهن به ٻي عبادت گاهه ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. آخر ۾ آرمي چيف سمورن شعبن ۾  مسيحي برادريءَ جي خدمتن ۽ قربانين جو اعتراف پڻ ڪيو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون