- Advertisement -
خيرپور ويجهو شاهه حسين باءِ پاس تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ۽ ماءُ پٽ زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، فوتي جي سڃاڻپ عدنان پٽ حسين بخش ميتلي طور ٿي.
پوليس موجب، زخمي ٿيل صدوري زال حسين بخش ميتلو ۽ سندس 11 ورهين جي پٽ ارسلان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
گولاڙچي ڀرسان ٽرالر رڪشا مٿان چڙهي ويو، هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
بدين باءِ پاس تي ٽرالر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري رڪشا مٿان چڙهي وڃڻ جي نتيجي ۾ 52 ورهين جو ارباب سهتو فوت ۽ حسن سهتي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ هو ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ 20 ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان گمس اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
20 ڏينهن اڳ مري چوڪ تي ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 پورهيت زخمي ٿي پيا هئا.
زخمي ٿيل 25 ورهين جي پورهيت نثار احمد ڪانڌڙي اڄ گمس اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته زخمي ٿيل عبدالفتاح، واجد، عبدالمجيد، دودو ۽ مجاهد جو علاج هلندڙ آهي.
هڱورجا ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد پوليس پهچي زخمي ٿيل اڪرم ڀٽي ۽ اميدان ڀٽي کي اسپتال پهچايو.- Advertisement -
