- Advertisement -
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص قائد اعظم ۽ ڪرسمس جي ڏهاڙي تي مختلف علائقن جا دورا ڪري سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو .
سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص قائد اعظم ۽ ڪرسمس جي ڏهاڙي تي گرجا گهرن ۾ رٿيل تقريبن جي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.
ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص مسيحي برادري کي ڪرسمس جون وڌايون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته رينجرز ۽ پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طرفان ڪيل سڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، قائد اعظم ۽ ڪرسمس ڏهاڙي تي ڪراچي شهر جي اهم هنڌن تي سنيپ چيڪنگ، موبائل پيٽرولنگ ۽ موٽرسائيڪل گشت جاري رهيو ۽ سڪيورٽي جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪنگ جو عمل به جاري رهيو…- Advertisement -
