تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي وڌيڪ ڇهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

- Advertisement -
احتساب عدالت، ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي وڌيڪ ڇهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير فواد چپڌري خلاف جهلم ۾ تعميري منصوبن ۾ گهوٻين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب ڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پهريان چوڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ گهريو هو ته ڏهن ڏينهن جو مليو، بينڪنگ رڪارڊ گهرايو آهي، جنهن ۾ گهوٻين جو شڪ ٿيو آهي، ٺيڪيدار کي به 2 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سورهن مان 8 ڪنال جي زمين فواد چوڌري نالي تي آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو. احتساب عدالت فيصلو ٻڌائيندي فواد چوڌري جو ڇهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون