پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 42 رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي وئي

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 42 رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي وئي. پاڪستان جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون. محمد رضوان 38 ۽ فخر زمان 33 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيا، ٻيو ڪوبه بيٽر ڪيويز بالرن اڳيان نه ڄمي سگهيو. حسيب الله خان ٻڙي، بابراعظم 13، محمد نواز 1، افتخار احمد 5، صاحبزادا فرحان 19 ۽ ڪپتان شاهين آفريدي 1 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، ميٽ هينري، لوڪي فرگسن ۽ اش سوڌي 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان طرفان 135 رنسن جي هدف پٺيان نيوزيلينڊ جي ٽيم 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي، گلين فلپس 26 ۽ فن ايلن 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان افتخار احمد 3، محمد نواز ۽ شاهين آفريدي 2-2، زمان خان ۽ اسامه مير هڪ هڪ رانديگر کي پويلين جي راهه ڏيکاري. افتخار احمد کي 24 رنز ڏئي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته ڪيويز اوپنر فن ايلن کي پليئر آف دي سيريز جي ايوارڊ سان نوازيو ويو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
31%
4m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون