8 فيبروري تي سوچي سمجهي ووٽ ڪيو وڃي، هو پاڪستاني قوم کي ٽي سئو يونٽ تائين بجلي مفت فراهم ڪندا : حمزه شهباز شريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته 8 فيبروري تي سوچي سمجهي ووٽ ڪيو وڃي، هو پاڪستاني قوم کي ٽي سئو يونٽ تائين بجلي مفت فراهم ڪندا. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي حمزه شهباز چيو ته ماڻهو مهانگائي مان بيزار ٿي چڪا آهن، هنن پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف صرف 16 مهينن ۾ محنت ڪري ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ڪيو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ن ليگ جي دور ۾ بجلي 7 رپيا يونٽ، پيٽرول 78 رپيا لٽر ۽ کنڊ 55 رپيا ڪلو هوندي هئي، جيڪا اڄ 180 رپين ۾ دستياب آهي. هن چيو ته سال 2013 ۾ ملڪ اندر 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ هوندي هئي، جيڪا سندن حڪومت 2018 ۾ ئي ختم ڪئي. حمزه شهباز چيو ته هنن 250 ارب جي سبسڊي ڏئي اٽو سستو ڪيو، پاڪستاني قوم لاءِ 3 سئو يونٽن تائين بجلي مفت ڪندا، هن وزيراعليٰ طور سئو يونٽ بجلي مفت ڏيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ته ان تي اسٽي آرڊر ورتو ويو. هن چيو ته ن ليگ قائدين کي ڪيسن ۾ جيل ۾ رکيو ويو، 8 فيبروري تي سوچي سمجهي ووٽ ڪيو وڃي، اهو ڏينهن پاڪستان جي تقدير جو فيصلو ڪندو. سندس چوڻ هو ته هو مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيندا، ن ليگ دور ۾ ڊالر 105 رپيا جو هوندو هو اڄ 280 رپيا جو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
31%
4m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون