سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان وچ ۾ تڪرار سبب چڪرين دوران امن مشن ۾ شامل پاڪ فوج جو جوان شهيد

- Advertisement -
سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان وچ ۾ تڪرار سبب چڪرين دوران امن مشن ۾ شامل پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان وچ ۾ تڪرار دوران هٿياربندن پاڪستاني امن دستي تي مقامي مريضن کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران حملو ڪيو. پاڪستان امن دستن اثرائتو جواب ڏيندي هٿياربندن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، پر فائرنگ جي ڏي وٺ دوران بدين سان تعلق رکندڙ پاڪ فوج جو جوان سپاهي محمد طارق شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ سبب ٻن آفيسرن سميت 4 جوان زخمي پڻ ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي امن دستي سدائين پنهنجي پيشواراڻي مهارت سان فرض ادا ڪيا آهن، هيل تائين 181 پاڪستاني امن دستن سڄي دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
37%
1.8m/s
1%
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون