پاڪستان جي چونڊ عمل کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهيون: ويدانت پٽيل

- Advertisement -
امريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهن، چاهين ٿا ته ان عمل ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو احترام ڪيو وڃي. واشنگٽن ۾ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي چونڊ عمل کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان چيو ته کين پرتشدد واقعن، ميڊيا تي پابندي، انٽرنيٽ جي آزادي ۽ اظهار راءِ ۾رنڊڪن تي ڳڻتي آهي، هو چاهين ٿا ته چونڊ عمل ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو احترام ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستانين کي صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق آهي، بنا ڪنهن خوف، تشدد ۽ ڌمڪي جي، پاڪستاني عوام کي پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون