- Advertisement -
استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ پاران پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، فردوس عاشق اعواڻ خلاف سيالڪوٽ ٿاڻي تي پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سيالڪوٽ ۾ اليڪشن جي ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪار سان بدتميزي ڪئي ۽ کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
اڳوڻي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ پاران اهلڪار کي چماٽ هڻڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ فردوس عاشق اعواڻ هڪ ٽي وي شو دوران پ پ اڳواڻ قادر مندوخيل کي به چماٽ هنئي هئي.- Advertisement -
