تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽور تي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽور تي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، يوٽيلٽي اسٽورن تي 7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رمضان پئڪيج ڏنو ويندو، رمضان رليف پئڪيج چار مارچ کان ٿيندو، ٽارگيٽيڊ سبسڊي ذريعي 19 بنيادي شين تي رعايت ڏني ويندي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران ڪابينا ۽ عملي طرفان سهڪار ڪرڻ تي سندن ٿورائتو آهي،  پاڪستاني عوامي ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن. وفاقي ڪابينا جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. يوٽيلٽي اسٽور تي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، يوٽيلٽي اسٽورن تي 7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رمضان پئڪيج ڏنو ويندو. رمضان رليف پئڪيج چار مارچ کان شروع ٿيندو، ٽارگيٽيڊ سبسڊي ذريعي 19 بنيادي شين تي رعايت ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا مختلف اداران جي نئين سر تنظيم، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي قدمن اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪابينا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪي جي هٿياربند فوج ۾ سهڪار تي ترڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت جي منظور پڻ ڏني. وفاقي ڪابينا، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني. نگران وزيراعظم مختصر عرصي دوران پنهنجي ڪابينا ۽ عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي سندن ٿورا مڃيا. سندس چوڻ هو ته هو ملڪي معيشت کي اڳ کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهن، چونڊيل حڪومت لاءِ اهڙي حڪمت عملي ڏئي پيا وڃن جيڪا يقيني طور عوام ۽ قومي مفاد لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوامي ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون