- Advertisement -
خيرپور جي عدالت راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او امير چانگ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس جي مک جوابدار پير اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او امير چانگ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي.
ايس ايڇ او امير چانگ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.
عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او امير چانگ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
