- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي ۾ نون چونڊيل 145 ميمبرن ايم پي اي طور قسم کڻي ورتو.
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ 40 منٽ دير سان شروع ٿيو.
اجلاس جي شروعات ۾ ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته هو پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهي ۽ چونڊجي آيل سڀني ميمبرن کي واڌايون ڏي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان آهي ته هو سڀ آهن، سنڌ اسيمبلي خلاف ڌرڻو هنيو پيو وڃي، ان اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهيو آهي، ان جي توهين ڪرڻ نه ڏني ويندي.
آغا سراج دراني چيو ته روايتن موجب ايوان 5 سال هلندو، ايوان ۾ ويٺل مخالف ڌر جي ميمبر کي به هو ڀليڪار ڪري ٿو.
هن چيو ته هو گڏجي ڪم ڪندا، جنهن کي تڪليف آهي اهو اليڪشن ٽربيونل وڃي، احتجاج ڪندڙن کي عوام رد ڪري چڪو آهي، هو کين ايوان ۾ گهڙڻ نه ڏيندا.
اجلاس دوران سڀ کان پهريان آغا سراج درانيءَ ايم پي اي طور قسم کنيو، جنهن ۾ چونڊيل آيل ايم پي ايز کي قسم کڻايو.
سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ قسم کنيو.
قسم کڻڻ بعد پ پ جي ميمبرن طرفان جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ويا.
سنڌ اسيمبلي جي چئن ميمبرن جا معاملا مختلف سبب جي ڪري ملتوي آهن، پي ايس 129 تي حافظ نعيم جي سيٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو ۽ پي ايس 80 تي چونڊيل ميمبر عبدالعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو هو.
سني اتحاد ڪائونسل جي نون مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن به جاري ناهي ٿيو.- Advertisement -
