پنجاب ۽خيبرپختونخوا ۾ ڪابينا جو جوڙجڪ جو ڪم مڪمل ٿي ويو، ٻنهي حڪومتن جي صوبائي ڪابينا اڄ قسم کڻندي

- Advertisement -
پنجاب ۽خيبرپختونخوا ۾ ڪابينا جو جوڙجڪ جو ڪم مڪمل ٿي ويو، ٻنهي حڪومتن جي صوبائي ڪابينا اڄ قسم کڻندي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کانپوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ قائم حڪومتن ڪابينا جي جوڙجڪ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جا ميمبر اڄ حلف کڻندا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ وزيراعلى پنجاب مريم نواز پنهنجي ڪابينا لاءِ نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن. پنجاب ڪابينا جي قسم کڻڻ واري تقريب اڄ شام 4 وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي، پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان نامزد صوبائي وزيرن کي قسم کڻائيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ڪابينا ۾ 16 کان 25 وزير شامل ڪيا ويندا، ڪابينا ۾ صلاحڪار ۽ خاص مددگار به شامل ڪيا ويندا. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني طرفان نالا فائنل ٿيڻ کانپوءِ خيبرپختونخوا ڪابينا اڄ قسم کڻندي. خيبرپختونخوا ڪابينا جي قسم کڻڻ واري تقريب اڄ شام ساڍي ڇهين وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي، تقريب لاءِ ڪابينا جي نامزد ميمبرن کي دعوت ناما موڪليا ويا آهن. ذريعن موجب حلف کڻندڙن ۾ ظاهر شاهه طورو، عاقب الله، مينا خان، ارشد ايوب خان، شڪيل خان، محمد سجاد، فضل حڪيم، خليق الرحمان، فضل شڪور، بئريسٽر محمد علي سيف ۽ تيمور جهڳڙا شامل آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
26%
3.1m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون