جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان لاهور هائيڪورٽ جي 52هين چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

- Advertisement -
جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان لاهور هائيڪورٽ جي 52هين چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي. گورنر پنجاب بليغ الرحمان لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان کي قسم کڻايو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز به شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان رمدي، جسٽس رٽائرڊ اعجاز احمد چوڌري، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس شاهد بلال حسن ۽ جسٽس مس عاليه نيلم به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قسم کڻڻ بعد  لاهور هائيڪورٽ جو چيف جسٽس گورنر هائوس کان هائيڪورٽ پهتو، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. خميس ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي، جسٽس ملڪ شهزاد کي لاهور هائيڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. ڪيترائي تاريخي فيصلا جاري ڪندڙ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي عدليا ۾ طاقتور ۽ دلير ججن ۾ ٿئي ٿو، هن آئين ۽ قانون موجب بي خوف فيصلا ڏنا. جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان 15 مارچ 1963ع تي پنڊي گهيپ ضلعي اٽڪ ۾ پيدا ٿيو، هن گورڊن ڪاليج راولپنڊي مان گريجوئيشن ڪئي، جنهن بعد 1989ع ۾ يونيورسٽي لا ڪاليج پنجاب يونيورسٽي لاهور مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان 1990ع ۾ راولپنڊي مان قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي، 1993ع ۾ هائيڪورٽ ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿيو. جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان 21 سالن تائين وڪيل طور پريڪٽس ڪئي ۽ وڏي انگ ۾ ڪيس وڙهيا، 2004ع ۾ هائيڪورٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي جو سيڪريٽري جنرل ۽ 2009ع ۾ هائيڪورٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي جو صدر چونڊيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس 12 مئي 2011ع تي هائيڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ٿيو ۽ 11 مئي 2013ع تي ڪنفرم ٿيو، هو چيف جسٽس طور 15 مارچ 2025ع تي عهدي تان رٽائرڊ ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون