غزه ۾ امداد جي انتظار ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج جي هڪ ڀيرو ٻيهر بمباري

- Advertisement -
غزه ۾ امداد جي انتظار ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر بمباري ڪئي، جباليا پناهگير ڪئمپ، رفح ۽ خان يونس ۾ به بم ڪيرايا ويا، يهودي فوج جي بربريت جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ امداد جي انتظار ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. فلسطيني ميڊيا موجب، يهودي فوج جباليه پناهگير ڪيمپ، رفح ۽ خان يونس ۾ به بمباري ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. فلسطيني ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو انگ 31 هزار 341 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 73 هزار 134 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ داخل ٿيندڙ انساني امداد ناڪافي آهي، اسرائيل کي وڌ کان وڌ علائقا کولڻ جي ضروت آهي. سندس چوڻ هو ته ميري ٽائيم کي ريڊ زون بڻائڻ سان روزاني 20 لک کاڌي جا پيڪيٽ ورهائي سگھبا، وڌيڪ امداد حاصل ڪرڻ جو موثر طريقو جنگ بندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون