ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جون هندو برادري کي هوليءَ جو واڌايون

spot_img
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هندو برادري کي هولي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته هولي بهار جي آمد تي رنگن جو ڏڻ آهي، جنهن ۾ خوشي ۽ امن جا پيغام آهن. جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اقليتن کي پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪي ترقي ۾ هندو برادري جو هڪ وڏو ڪردار آهي، سندن حڪومت اقليتي برادري جي زندگي جي هر شعبي ۾ سمورين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هولي کان اڳ ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن سميت الائونس به جاري ڪري ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اقليتن جو ڏينهن ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هندو برادري هن ڌرتي تي امن ۽ خوشحالي سان رهي پئي ۽ ملڪي ترقي ۾ سندس هڪ ڪردار آهي

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
24%
1.2m/s
0%
اربع
14 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون