سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي ڌرين، اقليتي برادري ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ڪنڌڪوٽ ۾ هندو برادري پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڊاڪٽر ميهر چندي، فقير گوڪل داس، رامچند، دليپ ڪمار ٺاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قبو سعيد خان ۾ ايس ٽي پي پاران غلام نبي چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنب ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سچل ماڊل اسڪول جي شاگردن استادن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شاهپور جهانيا ۾ جسقم جي سڏ تي نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن پاران عبدالفتاح ٻگهيو، مولوي امام الدين، سرڪش مريد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. باڊهه ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن پاران دودو ديشي، هيمون ڀٽي، مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڍائي سال گذرڻ باوجود پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سندس وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
29%
2.6m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون