تازه ترين

سينيٽ جي 30 خالي سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري، 59 اميدوار ميدان تي لٿل

- Advertisement -
سينيٽ جي 19 سيٽن تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي. سينيٽ چونڊن جي پولنگ لاءِ قومي اسيمبلي جي هال کي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي اليڪشن ڪميشن جو عملو پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي سينيٽ جي 19 سيٽن لاءِ 35 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته  18 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن. اسلام آباد جي هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي پولنگ جاري آهي. پنجاب جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنو ڪريٽ، هڪ عالم ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي به ووٽنگ ٿي رهي آهي. سنڌ جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي پولنگ جاري آهي. خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي. خيبرپختونخواهه اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي احمد ڪريم ڪنڊي پاران صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان جي 25 ميمبرن اڃا تائين قسم ناهي کڻايو ويو،  جنهن ڪري سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي. بلوچستان جي ستن جنرل، ٻن عورتن ۽ ٻن ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
13 %
4.8kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون