تازه ترين

ملڪ جي چونڊيل پهرين وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين ۽ ملڪ جي چونڊيل پهرين وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. رمضان المبارڪ جي احترام ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سادگي سان تقريبون ڪوٺائي شهيد ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري کيس خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. پارٽي قيادت جي هدايت ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ضلعي هيڊڪوارٽرز قرآن خواني ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ملڪ کي آئين ڏيندڙ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا ۽ آڪسفورڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ وڪالت کي پيشي طور اختيار ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو 1967ع ۾ پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو، اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو لڳايو، شهيد ڀٽو مختصر وقت ۾ عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ عام چونڊن ۾ عوام جو ڀرپور اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ ميمبر ۽ ايوب خان جي دور ۾ پرڏيهي وزير بڻيو. پيپلزپارٽي جي باني جي اقتدار واري دور ۾ ملڪ جو آئين ٺاهيو ويو، ايٽمي پروگرام شروع ٿيو، اسٽيل ملز ۽ قومي پيداواري ادارا ٺهيا. 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتي حڪم تي ڦاهي تي لٽڪائي عوامي سياست جو باب بند ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
14 %
3.4kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون