- Advertisement -
قمبر ۾ گهرو تڪرار تان ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
مستوئي پاڙي ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۾ گهرو تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.
ننڍي ڀاءُ ڏاڏو مستوئي وڏي ڀاءُ ديدار کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
زخمي ديدار مستوئي کي پاڙي وارن کڻائي اسپتال پهچايو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود پوليس اڃا تائين واقعي واري هنڌ ناهي پهتو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي……………- Advertisement -
