- Advertisement -
سعودي حڪومت طرفان اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊپازٽس ٽن کان وڌائي پنج ارب ڊالر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سعودي عرب هولڊنگ ڪمپني جي سي اي او محمد القحطاني جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ٻنهي ملڪن پنج ارب ڊالر جي سيڙپڪاري منصوبي تي عمل تيز ڪرن تي اتفاق ڪيو آهي.
سي اي او سعودي عريبيا هولڊنگ ڪمپني محمد القحطاني هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب پنج ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي منصوبي تي عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب ولي عهد سان ملاقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب پنج ارب ڊالر جي سيڙپڪاري منصوبي تي عمل تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ۾ ڊپازٽس ٽن ارب ڊالرن مان وڌائي پنج ارب ڊالر ڪندو.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب آل رفائنري ۽ ٽامي جي کاڻين ۾ سيڙپڪاري ڪندو، سعودي عرب جا قدم طعي ٿيل وسيع ٺاهه جو حصو آهن.
محمد القحطاني چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 21 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، منصوبي تحت ٽامي جي کاڻ تي ستن ارب ڊالرن ۽ آئل رفائنري تي 14 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.
هن چيو ته سعودي عرب جي سيڙپڪاري پاڪستان اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جو هاڪاري قدم آهي، سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ٺاهن کي پاڪ سعودي لاڳاپن لاءِ تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو آهي- Advertisement -
