- Advertisement -
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ايم ڪيو ايم نفرت واري سياست پئي ڪري، ڏوهاريءَ جي ڪا ٻولي، مذهب ۽ قوم ناهي هوندي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ ناصر شاهه چيو ته ڏوهاري انسانيت ۽ امن جا دشمن هوندا آهن، سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرمنلز جي پيروي بهتر نموني ڪري رهي آهي.
هن چيو ته حيرت آهي ته ايم ڪيو ايم وارا دوست اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ وفاق کي گهرائڻ چاهن ٿا، هڪ طرف متحده چوي ٿي ته مڪاني ادارا مضبوط ٿين، ٻئي پاسي وفاق کي صوبي ۾ مداخلت جو چيو پيو وڃي.
ناصر شاهه چيو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي آپريشن جو مطالبو ڪيو ۽ آپريشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رڙيون به انهن جون ئي نڪتيون هيون، ايم ڪيو ايم اهڙا مطالبا نه ڪري جن سبب اها پاڻ متاثر ٿئي.
صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم کي سياسي محروميءَ تباهي ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
