- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿرڪول انرجي بورڊ جو ستاويهون اجلاس ٿيو، جنهن دوران ٿر بورڊ ايس اي سي ايم سي کي ڪوئلي جي کاڻ کي 7 ڏهائي 8 ايم ٽي پي اي مان وڌائي 11 ڏهائي 2 ايم ٽي پي اي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿرڪول انرجي بورڊ جو ستاويهون اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ پي اينڊ ڊي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڄام خان شوري، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ڪرني سنگهه شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿر جو ڪوئلو 9 هزار هڪ سئو اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته هن وقت 12 بلاڪ هڪ هزار 235 اسڪوائر ڪلو ميٽر تي ٺاهيا ويا آهن، هر بلاڪ ۾ ٻه ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هر بلاڪ 4 کان 5 هزار ملين بجلي 30 سالن تائين پيدا ڪري سگهي ٿو.
اجلاس کي توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه جي بريفنگ ڏيندي چيو ته بلاڪ ون سائنو سنڌ ريسورس کي ڏنو ويو آهي، هن بلاڪ تي فيبروري 2023ع کان ڪوئلو ڪڍيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته بلاڪ ٽو سنڌ اينگرو وٽ آهي، جنهن مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي آهي.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ٿرڪول بورڊ بلاڪ ٽو جي ڪوئلي جو ٽيرف 36 ڏهائي 7 ڊالر في ٽن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ايس اي سي ايم سي 45 ڏهائي 8 ڊالر في ٽن جي ڊمانڊ ڪئي هئي.
ٿر بورڊ ايس اي سي ايم سي کي ڪوئلي جي کاڻ کي 7 ڏهائي 8 ايم ٽي پي اي مان وڌائي 11 ڏهائي 2 ايم ٽي پي اي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.- Advertisement -
