تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميڪسيڪو جي شهرين غزه ۾ جنگ بندي نه ڪرڻ تي اسرائيلي سفارتخاني آڏو احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
ميڪسيڪو جي شهرين غزه ۾ جنگ بندي نه ڪرڻ تي اسرائيلي سفارتخاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ميڪسيڪو جي راڄڌاني ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن اسرائيل سفارتخاني آڏو ٿيل مظاهري ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون. ميڊيا رپورٽ موجب پوليس طرفان مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو ۽ پٿراءُ به ٿيو، مڇريل ماڻهن سفارتخاني ٻاهران لڳل بيريئر هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اسرائيل سفارتي حدن ۾ بوتل بم به اڇلايا ويا، جنهن سان باهه ڀڙڪي اٿي، جڏهن ته اسرائيلي سفارتخاني جي عمارت حملي ۾ مڪمل طور محفوظ رهي. اسرائيلي ميڊيا موجب مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ڪيترائي  اهلڪار ۽ مظاهرو ڪندڙ زخمي به ٿيا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب چڪرين دوران بس اسٽيشنن، پوليس جي وين ۽ ڪاروبار کي به نقصان پهتو آهي. ٻي طرف اسرائيل جي قومي سلامي ڪميٽي جي وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وڏي حصي تي اسرائيلي فورسز پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪري چڪي آهي ۽ حماس سان جنگ وڌ کان وڌ 2024 جي آخر تائين هلي سگهي ٿي. اسرائيلي فورسز آچر ڏهاڙي رفح ۾ گڏيل قومن طرفان سيف زون قرار ڏنل مهاجرين جي ڪيمپ تي بمباري ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 45 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا هئا…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون